ايوب کوسو

ايوب کوسو

ايوب کوسو 2

ايوب کوسو: ٽي. وي، فلم ۽ اسٽيج جو مشھور اداڪار ايوب کوسو ولد مير مھرالله خان کوسو، 25 جون 1959ع تي جعفرآباد، بلوچستان ۾ ڄائو. سندس وڏا ضلعي ڪڇي، صحبت پور ۽ جيڪب آباد جا زميندار هئا. هن جي ماءُ پٺاڻ هئي. هن ايم ڪام جي ڊگري بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. 1984ع کان 1997ع تائين، 13 سال، بئنڪ ۾ ملازمت ڪئي. سندس شمار پاڪستان جي سينئر اداڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن اسڪول واري دؤر ۾ 1989ع کان، اداڪاريءَ جي شروعات ڪئي ۽ ٽيٽيھن سالن کان مسلسل اداڪاريءَ سان لاڳاپيل آهي. پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا جو ڊرامو ’ڇائون‘ سندس پھريون ڊرامو هو، جنھن کيس گهڻي شھرت ڏياري. ان کان سواءِ هن جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ’خدا ڪي لئي‘ ۽ ’ويلڪم ٽو ڪراچي‘ فلمون آهن. ايوب کوسي کي سنڌي، اردو، بلوچي، پشتو، براهوي ۽ انگريزي زبانن تي عبور حاصل آهي، هن سنڌي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ماحوليات بابت ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ”گُهرڪ ويلفئر ايسوسيئيشن“ جو باني صدر پڻ آهي. ان کان علاوه سامونڊي حيات ۽ ساحلي علائقن جي ثقافت ۽ سياحت جي ترقي لاءِ به سندس ڪوششون نمايان آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچيءَ سان سياسي وابستگي سبب هن وقت اُن جي ثقافتي ونگ جو اطلاعات سيڪريٽري پڻ آهي. 2018ع وارين عام چونڊن ۾ PS-101 ڪراچيءَ واري صوبائي تڪ تان، پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ پڻ وڙهيو. حڪومت پاڪستان کيس 2004ع ۾ صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگيءَ سان نوازيو. هن کي چئن ٻارن جو اولاد آهي ۽ سندس هڪ ئي وقت ڪراچي، جيڪب آباد ۽ جعفرآباد ۾ رهائش آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.01.01  عيسوي

ٽي. وي، فلم ۽ اسٽيج جو مشھور اداڪار ايوب کوسو پھرين جنوري 1960ع تي جعفرآباد، بلوچستان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحمت الله شيخ
خالده غوث
زهراوي ابوالقاسم
ديو سڀاڻي
تاج جويو
سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني
سنت ماڌو داس
جعفر خان جمالي
ڀڳت ٽڪيارام
خواجه امام الدين مجددي شڪارپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون